اي ايم قريشي

اي. ايم. قريشي: ڪراچيءَ جو مسلم ليگي رهنما. 1917ع ۾ ڪاٺياواڙ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ ڄائو. 12 سالن جي عمر ۾ محنت مزدوري ڪرڻ شروع ڪيائين. 1939ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٽرانسپورٽ جو ڪم شروع ڪيائين. آهستي آهستي سندس ڪاروبار ترقي ڪرڻ لڳو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هن لڏي آيل بي يار و مددگار ماڻهن جي ڀرپور مدد ۽ خدمت ڪئي. هن اسلاميه سائنس ڪاليج، اسلاميه لا ڪاليج ۽ اسلاميه ڪامرس ڪاليج الڳ الڳ قائم ڪيا. سندس تعليمي خدمتن جي پيش نظر صدر ايوب خان کيس ”سرسيد ثاني“ چوندو هو. 1948ع ۾ ڪراچي مسلم ليگ جو صدر چونڊيو. 1949ع ۾ پاڪستان مسلم ليگ جو خزانچي ۽ 1954ع ۾ سنڌ صوبائي مسلم ليگ بورڊ جو ميمبر ٿيو. 1956ع ۾ ڪراچيءَ مان اولهه پاڪستان جي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ 1962ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. هن 23 جون 1989ع تي وفات ڪئي. ڪراچيءَ ۾ پنهنجي قائم ڪيل اسلاميه ڪاليج ۾ دفن ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1917.00.00  عيسوي

اي ايم قريشي1917ع ڪاٺياواڙ ۾ ڄائو


1989.06.23  عيسوي

اي ايم قريشي 23 جون 1989ع تي وفات ڪئي



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امداد علي اعواڻ
امام علي نازش ڪامريڊ
اختر مينگل
بقادار شاهه سيد
الطاف حسين
آصف بالادي
امير بخش ڀٽو
اڪبر خان بگٽي
اندرا گانڌي
اعجاز علي خان جتوئي
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون